ميري لينڊ (انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ دلچسپ واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن هڪ عورت نه چاهيندي به لاٽري جي مهانگي ٽڪيٽ خريد ڪئي ۽ ان مان 50 هزار ڊالرن جو انعام کٽي ورتو. ميري لينڊ جي هڪ عورت وينڊنگ مشين کان لاٽري جي صرف 2 ڊالرن واري ٽڪيٽ خريد ڪرڻ چاهي پئي پر غلطي سان هن 20 ڊالرن واري ٽڪيٽ خريد ڪري ورتي. ان تي عورت مايوس ٿي ته شايد هن جي اها رقم ضايع ٿي ويندي، پر جڏهن هن ان ٽڪيٽ جو اسڪريچ هٽايو ته انعامي نمبر ڏٺا ويا ته هن کي خبر پئي ته هوءَ 50 هزار ڊالٽر کٽي وئي آهي. اهڙي طرح هڪ غلطي ٽڪيٽ هن کي درست رقم ڏياري ڇڏي. 43 سالن جي عورت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته هوءَ سيلسبري جي رهواسڻ آهي ۽ هن خودڪار مشين کان لاٽري خريد ڪئي هئي، مان چاهيان پئي ته 2 ڊالرن جي ٽڪيٽ ملي وڃي پر غلطي سان 20 ڊالرن جي ٽڪيٽ خريد ٿي وئي. هن ٻڌايو ته اها مشين رائل فارم جي هڪ اسٽور ۾ لڳل هئي. جيئن ئي مان ٽڪيٽ اسڪريچ ڪئي ته مان خوشيءَ مان ديواني ٿي ويس ته مان 50 هزار ڊالر کٽي ورتا آهن. پر هن اڃا تائين اهو فيصلو نه ڪيو آهي ته هوءَ ايتري وڏي رقم ڪيئن خرچ ڪندي.