ڪراچي(انٽرسٽنگ نيوز) سنڌ جي جھنگلي جيوت کاتي آنن مان ڦٽندڙ سائي ڪُميءَ جا وڌيڪ هڪ هزار ٻچا سمنڊ ۾ ڇڏي ڏنا آهن. گذڙيل ينهن سمنڊ ۾ موڪليل سائي ڪميءَ جي ٻچن کان پوءِ هلندڙ سال آنن مان ڦٽندڙ ۽ سمنڊ ۾ ڇڏيل ٻچن جو تعداد 13500 جي لڳ ڀڳ ٿي چڪو آهي. سنڌ وائلڊ ائيف مرين ٽرٽلز ڪنزرويشن يونٽ جي انچارج اشفاق ميمڻ موجب هاڪس بي تي سينڊز پٽ جي مقام تي ڇڏيل گرين ٽرٽلز جي ٻچن جي عمر هڪ کان ٻه ڏينهن هئي. سبز ڪمين جون ماديون هر سال آگسٽ کان مارچ دوران نسل وڌائڻ لاءِ ڪراچي جي سامونڊي ڪناري جو رخ ڪنديون آهن. هن چيو ته هن سال ڪمين جي آنن کي چيمبر ۾ رکڻ جو ٽارگيٽ 30 هزار آنا رکيو ويو هو پر هيل تائين صرف ساڍا تيرهن هزار ٻچا ڇڏيا ويا آهن. اڃا به 12 هزار جي لڳ ڀڳ آنن جي موجودگي. هن عمل جو مقصد ناياب نسل جي هن ڪمي جي نسل کي بچائڻ آهي