شاهپورچاڪر (ن پ ا ) شاهپور چاڪر ۾ چوڪي شهدادپور جي خليفي جي مبينا زيادتين خلاف حر جماعت جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺ منٺار فقير ماري جي رهواسي پير پاڳاري جي مريد ڀائرن خالد حسين ماري ۽ الھه داد ماري الزام مڙھيو ته حر جماعت چوڪي شھدادپور جي خليفي غلام حيدر انڙ فيصلي لاءِ گهرايو، اسان کيس چيوسين ته اسان فيصلو ڏيڻ آيا آھيون، خليفي کي فيصلي بابت پير پاڳاري جو خط ڏيکارڻ جو چيو ته هن انڪار ڪندي هٿ بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندي تذليل ڪئي، هنن چيو ته خليفي جي سامهون مخالف ڌر ۽ فيصلي لاءِ آيل چوڪي شھدادپور جي نائب خليفي حاجي در محمد ماري اسان ٻنهي تي تشدد ڪيو، هنن چيو ته خليفو غلام حيدر انڙ ڌر بڻيل آھي، جيڪو اسان تي دٻاءُ وجهي نائب خليفي در محمد ماري جي حق ۾ فيصلو ڏيڻ چاهي ٿو، هنن چيو ته خليفو در محمد ماري سندن ڀاڻيجو آھي، جنهن جي امڙ اسان جي ڀيڻ آھي، ان کي اسان جي والد پنهنجي ملڪيت مان حصو پنهنجي زندگي ۾ ئي ڏئي ڇڏيو هو، احتجاج ڪندڙ خالد حسين ماري چيو ته هو دل جي عارضي ۾ مبتلا آھي، ڌڪ لڳڻ سبب سندس طبيعت خراب ٿي وئي آھي، هنن پير پاڳاري کي اپيل ڪئي ته خليفي غلام حيدر انڙ ۽ نائب خليفي در محمد ماري جي ڪيل زيادتين جو نوٽيس وٺي انصاف ڏياري. خليفي غلام حيدر انڙ سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن فون اٽينڊ نه ڪئي