شاهپور چاڪر: حر جماعت جي خليفي غلام حيدر انڙ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي مريدن جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، هن ٻڌايو ته ٻئي ڌريون پاڻ ۾ مائٽ آهن، جماعت جي خليفي جي حيثيت سان مون وٽ هڪ ڌر دانهين ٿي آئي، جنهن تي فيصلو رکيو، ٻئي ڌريون فيصلي لاءِ آيون، ڳالهيون ٻڌڻ بعد الزام لڳائيندڙ ڌر فيصلي کي نه مڃيو ۽ اٿي هلي وئي، هن چيو ته انهن تي ڪو به تشدد يا تذليل نه ڪئي وئي، هن چيو ته جيڪڏهن ڪو تشدد ٿيو آهي ته اهو ميڊيا کي ڏيکاريو وڃي باقي حر جماعت جي اصولن موجب اگر هنن کي فيصلي تي ڪو به اعتراض هو ته اهي جماعت جي اصولن کي فالو ڪندي فيصلا ڪاميٽي وٽ وڃن ها، يا چيف خليفي وٽ وڃن ها پر ائين بغير ڪنهن ڳالھه جي ميڊيا ۾ وڃي الزام تراشي ۽ پروپيگنڊا ڪرڻ چڱو ڪم ناهي، هن چيو ته احتجاج ڪندڙن کي گهرجي ته اجائي پروپيگنڊا کان پاسو ڪري جماعتي اصولن ۽ ضابطن کي فالو ڪن ته ان ۾ سڀني جي ڀلائي هوندي.