ممبئي (شوبز نيوز) اڳوڻي مس يونيورس ۽ ناليواري ڀارتي اداڪارا سشميتا سين کي دل جو دورو پيو، جنهن کانپوءِ ان جي انجيوپلاسٽي ڪئي وئي.  ۽کيس اسٽنٽ لڳايو ويو. ان ڏس ۾ سشميتا سين سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ پنهنجي پيءَ جو بيان ٻڌائيندي لکيو ته ”پنهنجي دل کي پرسڪون رکو ۽ خوش رهو، اها به ضرورت پوڻ تي توهان سان گڏ بيٺل رهندي“. اداڪارا ٻڌايو ته کيس ڪجهه ڏينهن اڳ دل جو دورو پيو هو پر هاڻ انجيوپلاسٽي ڪئي وئي آهي ۽ اسٽنٽ وڌو ويو آهي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته منهنجي ڊاڪٽر مون کي چيو ته توهان جي دل تمام وڏي آهي. هن وقت تي مدد ڪندڙن جا ٿورا مڃيندي چيو ته هيءَ پوسٽ رڳو ان لاءِ آهي ته پنهنجي چاهيندڙن کي ٻڌائي سگهان ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ۽ مان زندگي گذارڻ لاءِ تيار آهيان.