رياض (اسپورٽس نيوز) ارجنٽينا جي اسٽار فٽبالر ليونل ميسي فيفا بيسٽ فٽبالر آف دي ائير جو ايوارڊ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، گولڊن ٽرافي فرانس جي ايمباپي جي نالي رهي، جڏهن ته بهترين عورت فٽبالر جو اعزاز اسپين جي اليڪسيا پوٽيلس ماڻي ورتو آهي. گذريل سال قطر ۾ سخت مقابلي کانپوءِ فرانس کي شڪست ڏئي ارجنٽينا کي عالمي ڪپ کٽرائيندڙ ليونل ميسي اِهو ايوارڊ 14 سالن دوران ستون ڀيرو کٽيو آهي. ايمباپي جيتوڻيڪ بهترين رانديگر جي ٽرافي گولڊن بال ته حاصل نه ڪري سگهيو، پر هو سال ۾ سڀ کان وڌيڪ گول اسڪور ڪرڻ واري رانديگر جي ٽرافي  گولڊن بوٽ پنهنجي نالي ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو.