ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار شاهد ڪپور مداحن پاران “ ڪيوٽ” چوڻ تي چڙي پيو.  اداڪار انڪشاف ڪيو آهي ته کيس پاڻ کي ڪيوٽ ٻڌڻ ڪڏهن نه وڻيو.ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد ڪپور چيو ته مون کي پاڻ کي ڪيوٽ ٻڌڻ کان نفرت هئي، مون کي سٺو نه لڳندو هو جڏهن ماڻهو مون کي ڏسي چوندا هئا ته توهان ڪيوٽ آهيو، مان توهان هيس ته توهان ڪنهن کي اهي لفظ ڪيئن ٿا چئي سگهو، مون کي اهي لفظ پسند نه هئا پر هاڻ مان انهن کي قبول ڪري چڪو آهيان، گڏوگڏ سمجهان ٿو ته اهو لفظ گهڻو محدود آهي. سندس موجب مان چاهيان ٿو ته ماڻهو منهنجي روح کي ڏسن، منهنجي جذبن کي سمجهن، ظاهري شخصيت ۾ مصروف نه رهن پر منهنجي تجربي کي سمجهن.