لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جا گرفتاري وارنٽ موصول ڪرائڻ جي لاءِ لاهور ايندڙ اسلام آباد پوليس شبلي فراز سميت 150 نامعلوم ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو. اهو ڪيس سيڪريٽريٽ ٿاڻي اسلام آباد جي ايس ايڇ او نديم طاهر جي مدعيت ۾ ريس ڪورس ٿاڻي لاهو ۾ داخل ڪايو ويو آهي. ايف آءِ آر موجب ايس ايڇ او اسلام آباد نديم طاهر ايڊيشنل سيشن جج اسلام آباد طرفان جاري ڪيل گرفتاري وارنٽ کڻي عمران خان نيازي جي رهائشگاهه زمان پارڪ لاهور پهتو. ايف آءِ آ ۾ چيو ويو آهي ته شبلي فراز غلط بياني ڪندي سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪئي ۽ لکي ڏنو ته عمران خان نيازي اتي موجود ناهي. ان موقعي تي ڏنڊن سان ليس 100 کان 150 ڪارڪنن کين روڪي رکيو ۽ مارڻ جون به ڌمڪيون ڏنيون.