اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانه ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا ۽ کيس 13 مارچ تي سيشن عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. توشا خانه ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪئي، منجهند جو فيصلو محفوظ ڪيو هو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عامر فاروق عمران جي وڪيل کي چيو ته اهي وارنٽ جوابدار کي ڪنهن جيل ۾ وجهڻ لاءِ ته ناهن هوندا، توهان ٻڌايو ته عدالت جوابدار کي ٻئي ڪهڙي طريقي سان گهرائي؟ قانون ۾ ته جوابدار جي حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ اهو هڪ ئي طريقو آهي، قانون کي پنهنجو رستو پاڻ ٺاهڻ ڏنو وڃي.عمران جي وڪيل چيو اسان جي اپيل آهي ته عمران جا وارنٽ رد ڪيا وڃن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ان سان ڇا ٿيندو؟ عدالت ته توهان کي ڪيس جي ٽرائل لاءِ گهرائي رهي آهي، ڪو اهڙو آرڊر پاس نه ڪندس جيڪو عام پريڪٽس کان ٻاهر هجي، فرد جرم لاءِ عمران کي ذاتي طور پيش ٿيڻو ته پوندو، 9 تاريخ تي عمران کي هتي پيش ٿيڻو آهي، هتي به ٿي وڃي. وڪيل چيو ته عمران کي سنگين سيڪيورٽي ٿريٽس آهن، چيف جسٽس چيو ته اسان کي روز سيڪيورٽي ٿريٽس لاءِ ليٽر ايندا آهن ته ڇا ڪم بند ڪري ڇڏيون؟ چيف جسٽس عامر فاروق وڪيل کي چيو ته توهان عمران سان صلاح ڪيو، پوءِ عدالت 30 منٽن جو وقفو ڪري ڇڏيو. وقفي کانپوءِ وڪيل ٻڌايو ته عمران خان سان مشاورت ٿي آهي، هو 4 هفتن اندر پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهي، 4 هفتن جو وقت ڏنو وڃي. چيف جسٽس چيو پوءِ ته مون واري ڳالهه درست آهي، ڪچهري ايندڙ سڀني فريادين کي 2 مهينن جي تاريخ ڏئي ڇڏيان؟ مان ائين ڪو آرڊر قطعي جاري نٿو ڪري سگهان؟ هوڏانهن ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج توشا خانه ڪيس ۾ عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي درخواست ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 13 مارچ تي طلب ڪيو آهي. ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته عمران خان اڄ به پيش ناهي ٿيو، وڪيل ٻڌايو ته عمران جي خبر ناهي پر قانوني ٽيم ڪجهه دير ۾ پيش ٿيندي، عدالت چيو ته عمران جي پيشي جي ڪا اوهان کي ڄاڻ آهي؟ عمران جا ضامن به پيش ناهن ٿيا، ضامن پابند آهي ته عمران عدالت ۾ پيش ٿئي، وقفي بعد ٻڌڻي دوران وڪيل ٻڌايو ته عمران خان جي صحت خراب آهي، معذوري جي حالت آهي، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته عدالت ضامن کي نوٽيس جاري ڪري، ضمانت رد ڪئي وڃي، عمران جي وڪيل ٻڌايو ته عمران کي 9 مارچ تي هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻو آهي، ايندڙ هفتي پيش ٿي سگهي ٿو، عدالت چيو ته عمران اڃا تائين ذاتي طور پيش ناهي ٿيو ايندڙ هفتي به اها ئي صورتحال لڳي ٿي، اها صورتحال رهڻي آهي ته پوءِ ڪو فيصلو ڪري ٿا ڇڏيون، اسان ٻيهر به وارنٽ جاري ڪري سگهون ٿا، عدالت 13 مارچ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪندي عمران مٿان فرد جرم لاءِ 13 مارچ جي تاريخ مقرر ڪئي.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان،  پي ٽي آءِ جي نائب صدر فواد چوڌري جا قابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن نثار دراني، شاهه محمد جتوئي، بابر حسن ڀروانا، اڪرام الله تي ٻڌل چار رڪني بينچ پاران آڊر جاري ڪيو ويو آھي، جنهن ۾ چيو ويو آھي ته جوابدار ٻڌڻي دوران نه پاڻ ۽ نه ئي انهن جو وڪيل بنا ڪنهن اطلاع ڏيڻ جي  پيش نه ٿيو،  عمران خان ،فواد چوڌري ڄاڻي واڻي اليڪشن ڪميشن سامهون پيش نه ٿا ٿين عمران خان ۽ فواد چوڌري کي آءِ جي پوليس  اسلام آباد ذريعي 14 مارچ تي اليڪشن ڪميشن سامهون پيش ڪيو وڃي، عمران خان ۽ فواد چوڌري 50 -50 هزار جي شوئرٽي ڏئي  گرفتاري  بنا 14 مارچ تي پيش ٿي سگهن ٿا، عمران خان ، فواد چوڌري دانسته طور تي ڪيس ۾ التوا گهرن ٿا اها ڪميشن جي توهين آهي، چار رڪني بينچ 5 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو جنهن ۾ عمران خان ۽ فواد چوڌري جي مسلسل غير حاضرين جا تفصيل ڏنا ويا آھن  قابل ضمانت  گرفتاري وارنٽ به مسلسل غير حاضري جي بنياد تي جاري ڪيا ويا آھن.