لاهور (م ڊ) آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان چيو آهي ته عمران خان جي گرفتاري قانوني عمل آهي ۽ عدالت حڪم ڏيندي ته اهو پورو ڪنداسين. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي آءِ جي پنجاب چيو ته عمران خان کي اڳوڻي وزيراعظم جي پروٽوڪول کان وڌيڪ سيڪيورٽي ڏني پئي وڃي، هو جڏهن هاءِ ڪورٽ آيو، اتي به سيڪيورٽي جو وڏو انتظام ڪيو ويو هو. هن چيو ته پوليس عدالتي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ ويندي آهي، تنهن ڪري اسلام آباد پوليس سان جيڪو ٿيو، ان جي قانوني ڪارروائي ٺهي ٿي ۽ ٿي رهي آهي. آءِ جي جو چوڻ هو ته عمران خان جي گرفتاري قانوني عمل آهي، عدالت حڪم ڏئي ٿي ته ان کي پورو ڪنداسين. آءِ جي پنجاب وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ دهشتگردن طرفان ٿريٽس ايندا رهندا آهن، اسان جي پاليسي انهن ٿريٽس کي هٽ ڪرڻ جي آهي.