سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 35 سيڪڙو واڌ: مزدور جي اُجرت به 33 هزار مقرر

0
374

ڪراچي: سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪندي مزدور جي اجرت گهٽ ۾ گهٽ ساڍا 33 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي

وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير دوران چيو ته گريڊ هڪ کان 16 تائين جي سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 35 سيڪڙو واڌ ٿيندي

مراد علي شاهه گريڊ 16 کان مٿي جي سرڪاري ڪامورن جي پگهار ۾ 30 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪيو آهي

وڏي وزير مراد علي شاهه بجيٽ تقرير دوران رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 17.5 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي

مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت مزدورن لاءِ اهم قدم کنيو آهي، گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25000 مان وڌائي 33 هزار 550 رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي