آصف زرداري خلاف جعلي بينڪ اڪائونٽس جو هڪ وڌيڪ ريفرنس واپس

0
282

اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف جعلي بينڪ اڪائونٽس جو هڪ وڌيڪ ريفرنس نيب کي واپس اماڻي ڇڏيو

احتساب عدالت جي جج محمد بشير عدالتي دائره اختيار نه هئڻ تي 4 ريفرنس نيب ڏانهن واپس اماڻيا

نيب ڏانهن واپس اماڻي ريفرنسز ۾ آصف زرداري خلاف جعلي اڪائونٽس وارو ريفرنس به شامل آهي

آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏيندي چيو ته نيب قانونن ۾ ترميمن بعد اهي ريفرنسز عدالتي دائره اختيار ۾ ۾ نه ٿا اچن، احتساب عدالت ريفرنسز تي ٽرائل نه ٿي هلائي سگهي

عدالت آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، حسين لوائي ۽ ٻين خلاف ريفرنس نيب ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيو

منظور قادر ۽ ٻين خلاف پلاٽ الاٽمينٽ ريفرنس به واپس  ڪيا ويا، بلال شيخ ۽ ٻين خلاف سنڌ بئنڪ ريفرنس ۽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس بابت پنڪ ريزيڊنسي ريفرنس به نيب ڏانهن واپس اماڻيا ويا