سڌ سماءَ کاتي جي بجيٽ توڙي صحافين جي فنڊز ۾به اضافي جو اعلان

0
289

وڏي وزير مراد علي شاهه بجيٽ تقرير دوران ٻڌايو ته سڌ سماءَ کاتي جي بجيٽ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، هن ڀيري اشتهارن ۽ مشهوري مهم لاءِ 9.47 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن

مراد علي شاهه ٻڌايو ته براڊ ڪاسٽ ۽ سوشل ميڊيا مانيٽرنگ سروسز لاءِ 62.13 ملين رپيا رکيا ويا آهن

وڏي وزير موجب پريس ڪلب ۽ مستحق صحافين جي گرانڊ ۽ فنڊز جي مد ۾ 252 ملين روپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڌهن ته سنڌ انفارميشن ڪميشن لاءِ 55 ملين رپيا رکيا ويندا