خيرپور (رپورٽر) سنڌ سرڪار پاران سرڪاري ملازمن جي پگهار مان ڪٽوٽيخلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ سنڌ ايجوڪيشنل فورم خيرپور طرفان داخل ڪيل پٽيشن جي ٻڌڻي ٿي گذري. ان دوران سنڌ ايجوڪيشنل فورم خيرپور جي ليگل ڪاميٽي جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ وقار علي ڦلپوٽو ۽ ايڊووڪيٽ محمد طارق مھيسر عدالت سڳوريءَ کي ٻڌايو ته سنڌ سرڪار پاران فلڊ رليف فنڊ ملازمن ۽ آفيسرن جي پگهارن قانون جي خلاف آهي، ڇاڪاڻ ته تازو پيل برساتن ۾ عام ماڻهن سان گڏ سرڪاري ملازمن جو پڻ نقصان ٿيو آهي. ان تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ سرڪاري ملازمن جي پگھار مان ڪٽوتي وارو نوٽيفڪيشن 27 سيپٽمبر 2022ع تائين معطل ڪندي ڌرين کي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.