ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇري ويجهو ٿر جي ڳوٺ ڪروڙو سمان ۾ سمان برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان ٿيل جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 86 ورهين جو حاڪم الدين پٽ دائود سمون حيدرآباد اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،