ڪراچي (نمائندن وٽان) شاهپورجهانيان پريس ڪلب جي صدر پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم جي رپورٽر عبدالوحيد ڏاهري تي قاتلاڻي حملي خلاف ڦل ۾ صحافين خالد ميمڻ، ايم هاشم سومرو احتجاج ڪيو. دولتپورصفن ۾مرتضيٰ جوکيو، نياز انڙ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. گپچاڻي ۾صحافين نزاڪت علي، نور بروهي احتجاج ڪيو.اڳواڻن جو چوڻ هو ته عبدالوحيد ڏاهري ڪوريج ڪري رهيو هو ته شرپسندن مٿس قاتلاڻو حملو ڪيو، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي