سرهاري (ن پ ا) سرهاري پريس ڪلب اڳيان ڳوٺ سمون مگسي جي رهواسين جو ناري جي مبينا اغوا خلاف وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو. سرهاري لڳ ڳوٺ سمون مگسي جي رهواسين مگسي برادري جي ماڻھن محمد رفيق مگسي، عزير علي مگسي، علي حسن مگسي، اصغر علي مگسي ۽ ٻين پريس ڪلب سرهاري اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته هڪ هفتو اڳ رات جو اسان جي برادري سان تعلق رکندڙ نور احمد، محمد يوسف، نور حسين پٽ قاسم مگسي گهر ۾ داخل ٿي گهر ڀاتين تي هٿيار تاڻي گهر مان سونا زيور ۽ ڪيش رقم کڻڻ بعد صائمه ڌيءُ محمد رفيق مگسي کي مبينا اغوا ڪري ويا. هنن چيو ته پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوبدارن خلاف ڪارروائي ڪري مبينا اغوا ٿي ويل نياڻي بازياب ڪرائي ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.