سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاھ جي پنھنجي شھر روھڙي ميونسپل ڪاميٽيءَ ۾ غيرقانوني طور پروموشنز جو انڪشاف ٿيو آھي، اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب روھڙي ميونسپل ڪاميٽيءَ جي ايڊمنسٽريٽر ناصر عباسيءَ جي سربراھيءَ ۾ قائم اسڪروٽني ڪاميٽيءَ پنھنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آھي ته گريڊ ھڪ جي مستري، چوڪيدار، ھيلپر کي يارھين ۽ چوٿين گريڊ ۾ غيرقانوني طور ترقيون ڏنيون ويون، پمپ آپريٽر گريڊ 4 جي 4 ملازمن کي به يارھين گريڊ ۾ نوازي سخاوت جي مثال قائم ڪئي وئي، جڏھن ته 11 گريڊ جي ڪمپيوٽر آپريٽر کي ترقي ڏيندي گزيٽيڊ گريڊ 17 ڏئي نوازيو ويو، ڄاڻ موجب ميونسپل ڪاميٽيءَ روھڙي ۾ 11 ھين گريڊ جي ڪمپيوٽر آپريٽر مظفر علي قريشي کي ترقي ڏئي گزيٽيڊ گريڊ 17 ھين ۾ سينيئر ڊيٽرا پروسيسنگ آفيسر ۽ 11 گريڊ جي آڪٽراءِ سپريٽينڊنٽ امتياز احمد سومرو کي سپريٽينڊنٽ 17 ھين گريڊ ۾ غيرقانوني طور مقرر ڪيو ويو، ساڳي طرح پمپ آپريٽر بي پي ايس 4 سيد توقير عباس شاھ، نويد احمد سولنگي، شاھد حسين چاچڙ کي ترقي ڏئي 11 گريڊ ۾ ڪلارڪ ۽ ڪمپيوٽر آپريٽر طور مقرر ڪيو ويو، 4 گريڊ جي پمپ آپريٽر انور علي کي ترقي ڏئي 11 ھين گريڊ ۾ جونئير ڪلارڪ طور مقرر ڪيو ويو. پھرين گريڊ جي مستري منور علي کي ترقي ڏئي 11 ھين گريڊ ۾ جونيئر ڪلارڪ، چوڪيدار بي پي ايس ھڪ غلام مرتضيٰ کي چوٿين گريڊ ۾ فائر مين، ھيلپر بي پي ايس ھڪ نصير احمد کي پمپ آپريٽر بي پي ايس 4، اٺين گريڊ جي رٽائرڊ ملازم محمد اسماعيل کي 10 ھين گريڊ ۾ فورمين طور ترقي ڏني وئي، ايڊمنسٽريٽر روھڙي ناصر عباسيءَ جي سربراھيءَ ۾ جوڙيل اسڪروٽني ڪاميٽي، ميونسپل ڪاميٽي روھڙي جي ڄاڻايل 10 ملازمن کي غيرقانوني طور ترقيون ڏيڻ متعلق رپورٽ لاڳاپيل اختيارين ڏانھن اماڻي ڇڏي آھي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته غيرقانوني ترقيون حاصل ڪندڙ ملازمن کي واپس پنھنجي گريڊ ۾ مقرر ڪيو وڃي، غيرقانوني ترقيون حاصل ڪري پگھارون حاصل ڪندڙ ملازمن جي پگھارون ڪٽي رقم وصول ڪئي وڃي، ترقي حاصل ڪندڙ ملازمن ۽ ذميوارن خلاف محڪماجاتي ڪارروائي لاءِ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي به ليٽر لکيو ويو.