جوهي (ن پ ا) جوهي ۾ 6 مهينن کان اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر نه ٿي سگھيو آهي، جڏهن ته اضافي چارج رکندڙ اي سي جي وڃڻ سبب ميونسپل ملازمن جي پگهار بند ٿي وئي آهي، ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڇڏي جنهن سبب شهر بدترين گندگي جي ور چڙهي ويوآهي. ان ڏس ۾ جوهي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي اضافي چارج رکندڙ ڪي اين شاهه جو اسسٽنٽ ڪمشنر وڃڻ بعد هڪ دفعو وري ميونسپل ڪاميٽي جي 4 سئو ملازمن کي پگهار ناهي ملي سگهي، پگهار نه ملڻ سبب ميونسپل ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر ۾ بدترين گندگي پکڙجي وئي آهي، شهر جي مک چوئڪن سميت مختلف پاڙن ۾ ڪچرو پيل آهي. ٻئي طرف جوهي ميونسپل ڪاميٽي جي سي ايم او نثار راهپوٽو کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي شفيق ڀٽو کي مقرر ڪيو ويو، جنهن چارج وٺي ملازمن سان هڙتال ختم ڪري صفائي جو عمل شروع ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون، پر صفائي واري عملي ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ملازمن چيو ته پگهار نه ملڻ ڪري عيد جي خريداري ته ٺهيو پر راشن به نٿا وٺي سگهون. شهرين امين وگهيو، خليل عارف سومرو، ايوب لغاري، عثمان رودناڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد مخدوم بلاول پارڪ کان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن الزام هڻندي چيو ته چونڊيل نمائيندن پنهنجي من پسندن ماڻهن کي ميونسپل ڪاميٽي ۾ غيرقانوني طور وائيٽ ڪالر ملازم ڀرتي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري ائڊمنسٽريٽر سيلري شيٽ تي صحيح نٿا ڪن، ايماندار آفيسر کي هتي رهڻ نٿو ڏنو وڃي. هنن چيو ته ڪورونا جي وبا باوجود شهر ۾ هر طرف گندگي پکڙيل آهي. شهرين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ نيب چيئرمين کان گهر ڪئي ته ميونسپل ڪاميٽي جوهي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جو نوٽيس وٺي شهرين جي گندگي آزار مان جند آجي ڪرائي وڃي.