خليفو قاسم (ن پ ا) خليفو قاسم ۾ واٽر اسڪيم غيرفعال بڻجي وئي. هزارين رھواسي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ پريشان، بار بار شڪايتن باوجود اسڪيم بحال نه ٿي سگهي. ان سلسلي ۾ احتجاج ڪندي خليفو قاسم درس، گلزار درس، وڪيو ملاح، بابو ڪوري، وريام ملاح ۽ ٻين چيو ته لکين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل واٽر سپلاءِ اسڪيم 20 سالن کان مرمت نه ٿيڻ سبب ناڪاره بڻجي چڪي آهي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن واٽر سپلاءِ اسڪيم کي فوري طور بحال نه ڪيو ويو ته احتجاج سميت بک ھڙتال جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.