ڄام نواز علي (ن پ ا) ڄام نواز علي ۾ ڄام برانچ مان نڪرندڙ مورياڻي شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف پڇڙي جي آبادگارن جو ٽمور روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. آبپاشي عملدارن خلاف نعري بازي پڇڙي جي آبادگارن، عباس خاصخيلي، علي اڪبر ڪٽوھر، محمد حسن ناريجو جي اڳواڻي ۾ آبادگارن آبپاشي علمدارن جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پڇڙي جي آبادگارن چيو ته هٿ وٺي مورياڻي شاخ جو پاڻي ڪافي ڏينهن کان بند ڪيو ويو آهي. شاخ ۾ پاڻي نه هجڻ سبب اسان آبادگار وونئڻن سميت ٻيو زرعي فصل پوکي نه سگهيا آھيون آبادگارن چيو ته آبپاشي عملدار اسان آبادگارن کان پئسا گهري رهيا آهن نه ڏيڻ جي ڪري اسان جي شاخ کي هٿ وٺي بند ڪيو ويو آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي پهچائي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ ڌرڻو هنيو ويندو.