ٽنڊومحمدخان (رپورٽر) ٽنڊي محمد خان ۾ ڳوٺاڻن مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرا ڪيا. يونين ڪونسل لاکاٽ جي رهواسي محمد صالح سمون پريس ڪانفرس ڪندي مختيار ڪار ۽ تپيدار مٿان الزام لڳائيندي چيو ته ڪورٽ جي فيصلي مطابق عمر سمون جي حصي ۾ 15 ايڪڙ زرعي زمين آهي پر ان جي وارث پوٽي عثمان سمون روينيو کاتي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري 15 ايڪڙ زرعي زمين مان وڌائي لڳ ڀگ 20 ايڪڙ ڏيکاري وئي آهي جيڪا سراسر غير قانوني آهي. هن مطالبو ڪيو آهي ته مذڪوره مختيار ڪار تپيدار ۽ عثمان سمون خلاف سخت کان سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ مون کي انصاف نه مليو ته آئون پريس ڪلب آڏو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙِي ڇڏيندس. هوڏانهن ملاڪاتيار لڳ ڳوٺ بچو ملاح جي ڳوٺاڻن پوليس خلاف احتجاج ڪيو. ڳوٺاڻي ماڪوڙي ملاح ۽ ٻين چيو ته ڊي ايس پي نند لال ۽ ٻين اهلڪارن اسان جي گهرن تي زرعي زمين جي خاندان تڪرار ۾ 5 انساني جانين ضايع ٿيڻ باوجود اسان جي گرفتارين لاءِ اچي 8 مينهون ۽ هڪ موٽر سائيڪل ڳوٺ مان ڏينهن ڏٺي کڻي ويا جنهن کي ڪيترا ئي مهينا گذري ويا آهن پر اسان جو چوپايو مال ۽ موٽر سائيڪل واپس ٿي نه سگهي آهي اسان ضلعي جي بالا عملدارن کي اپيلون ڪيون آهن پر ڪنهن به اسان کي انصاف نه ڏنو آهي، ڳوٺاڻن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ اعلىٰ اختيارين کي انصاف جي اپيل ڪئي آهي.