حيدرآباد (بيورو رپورٽ) مختلف ڌرين پاران پريس ڪلب سامهون ناانصافين خلاف ڌار ڌار احتجاج ڪيو ويو ٽنڊو يوسف جي رهواسڻ مسمات بشيران نول پوليس ۽ بااثر ماڻهن جي ظلم خلاف احتجاج ڪندي الزام هنيو ته برادري جي بااثر ماڻهن سندس مڙس ۽ پٽن خلاف پوليس جي ملي ڀڳت سان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي، جڏهن ته ڪيس داخل ڪرائيندڙ ڌر جي ماڻهن ڪجه ڏينهن اڳ سندن گهر تي حملو ڪري عورتن، مردن ۽ ٻارڙن تي وحشياڻو تشدد ڪيو هو، ڳوٺ علڻ بڙدي جي رهواسڻ مسمات فاطمه ڌيءِ حاجي غلام رسول مڙس جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو. هن چيو ته سندس مڙس محرم نشو واپرائي مٿس وحشياڻو تشدد ڪندو آهي جنهن جي ظلم کان گهران نڪري هن پنهنجي مامي غلام مرتظيٰ جي گهر ۾ پناهه ورتي آهي جنهن تي مڙس محرم، سندس مائٽ غلام شبير، غلام حسين ۽ ٻيا سندس مامي کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن انصاف ڪيو وڃي. جوهي جي ڳوٺ قصبي جي رهواسڻ ضميران ڌي حاجي حڪيم لغاري پنهنجي مڙس عرفان لغاري سان گڏ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو آهي ته سندس مائٽ رياض لغاري، وزير لغاري، شريف لغاري، نجم چانڊيو سندس مڙس کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جن خلاف حد جي پوليس وٽ دانهيو آهي پر سندن ڪو به تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، تحفظ ڏنو وڃي. ٺٽي جي ديهه ونگي جي ديهه وهيڙ جي رهواسين دانهيو آهي ته جيلاني چيڪ پوسٽ جي هيڊ ڪانسٽيبل بلاول سولنگي ساٿين جي مدد سان سندن زمين تي چڙهائي ڪري سوين مڻ ڪڻڪ ٽريڪٽر ٽرالين ۾ لوڊ ڪري کڻي ويا آهن، لاڳاپيل ٿاڻي تي به دانهيو آهي پر ڪو به سندن تدارڪ نه ٿو ڪري. ماتلي جي ماڇي ڳوٺ جي رهواسي عورتن تهمينه، حاجره ۽ ٻين پوليس پاران گهر تي چڙهائي ڪري 5 ڄڻن کي ناحق گرفتار ڪري ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي الزم هنيو ته ماتلي پوليس هڪ ڏينهن رات جو موبائيلن ۾ سوار ٿي سندن گهر تي چڙهائي ڪري ننڊ ۾ ستل عورتن، ٻارڙن ۽ مردن تي تشدد ڪري 20 ماڻهو گرفتار ڪري کڻي وئي جن مان 5 ماڻهن تي ڪيس داخل ڪري باقي 15 ماڻهن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي جيڪا ساڻن ناانصافي آهي، انصاف ڪيو وڃي.