سرهاري (ن پ ا) سرهاري ڀرسان ڪکائن گهرن کي چلهه جي چڻنگ مان باهه، 9 گهر سڙي رک ٿي ويا، خبر موجب ڳوٺ ماڻو خان جمالي ۾ بروهي برادري جي گهرن کي چلھه جي چڻنگ مان باهه لڳي وئي، جنهن ڏسندي ڏسندي 9 گهرن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، باهه سبب رسول بخش، محمد بخش، رضوان، ڪامران، عبدالوهاب، محمد حسن، احمد خان، وحيد، امام علي، حق داد، ابراهيم بروھي جا گهر رک جي ڍير بڻجي ويا، متاثرن موجب باهه سبب گهرن ۾ پيل گهريلو سامان، ڪپڙا، هنڌ، ڪڻڪ، عورتن جا زيور ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو آھي، هنن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي.