ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد لڳ ڳوٺ چوڌري دلدار آرائين ۾ ڏيٿا برادري جي ڪکائن گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ پورهيت صديق ڏيٿو، گل محمد ڏيٿو ۽ خميسو ڏيٿو جا گھرن کي مبينه چلھه مان اچانڪ چڻنگ نڪرڻ سان باھ وڪوڙي وئي،  باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن موجب باهه سبب گهرن ۾ پيل ڪڻڪ، کٽون، بسترا، نياڻي جو ڏاج، زيور، روڪ رقم ۽ ڪپڙا سڙي رک ٿي ويا آهن، متاثرن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.