ميرپورخاص (بيورورپورٽ) قومي عوامي تحريڪ پاران ڊجيٽل آدمشماري ملتوي ڪرائڻ، پاڻي جا قدرتي لنگھه بحال ڪرائڻ ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي به شرڪت ڪئي، ڪارڪنن انور نوحاڻي، ڪرڙ لٻاڙي، مجيد ٻگھيو، منور جتوئي، شاھد ڪلوئي، ارباب نوحاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ مکڻ سمون کان ميرپورخاص تائين 10 ڪلوميٽرن پيادل مارچ ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڊجيٽل آدمشماري سنڌ جي ماڻھن خلاف سازش آھي، جنھن کي سموري سنڌ جا ساڃاھ وند رد ڪري پنھنجا اعتراض پيش ڪري چڪا آھن پر وفاقي حڪومت ان فرمائشي آدمشماري کي جاري رکڻ چاھي ٿي، ھنن چيو ته آدمشماري ذريعي سنڌ جي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي گھري سازش رٿي وئي آھي، جنھن کي ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، ڊاڪٽر قادر مگسي قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن کي جس ڏيندي چيو ته سندن جدوجھد جي اسان حمايت ڪريون ٿا، اسان سڀ گڏجي سنڌ خلاف ٿيندڙ ڏاڍاين جو مقابلو ڪنداسين.