ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور ۾ سيپڪو عملدارن ڪنڊا ڪنيڪشن ختم ڪرڻ لاءِ ھندو ڪالوني ۾ ميٽر لڳايا ويا. شھرين راھول ڪمار، انوپ ڪمار، ستيش بجاج، ايس ٽي پي اڳواڻ رفيق چنا ميڊيا آڏو دانھيندي الزام لڳايو ته سٽي ٽو انڊسٽريل فيڊر ۾ مختلف ھنڌن مراد واھ، انڊس هاءِ وي روڊ، شاهي واھ ڀرسان رائيس ملون، اٽي جون چڪيون ، پاڻي ٽيوب ويل سميت ڪشمور کان پنجاب جي ڪچي جي حدن تائين سوين ڪنيڪشن بنا ميٽر جي ڊائريڪٽ ھلي رھيا آھن،جن کان رشوت ورتي وڃي ٿي. ايس ڊي او سيپڪو راجندر ڪمار ٻڌايو ته سيپڪو چيف جي حڪم تي ڪنڊا ڪنيڪشن ختم ڪري سٽي ٽو کان نوان ميٽر لڳائڻ جي شروعات ڪئي آهي ۽ بجلي ڊائريڪٽ ھلائي ڏيڻ جي الزام ۾  قربان باجڪاڻي، تاج محمد جکراڻي سميت ٽن ڄڻن کي معطل ڪيو آهي.