سرهاري (ن پ ا) سرهاري ڀرسان اسڪول جي بلڊنگ زبون ٿيڻ سبب معصوم ٻار کليل آسمان هيٺ ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن، قديمي ڳوٺ ڪامل خان ڪيريو ۾ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول جي بلڊنگ ناڪارهه بڻجي وئي آهي، جيڪا ڪنهن به وقت ڊهي پٽ پئجي سگهي ٿي، ان حوالي سان خوف سبب شاگرد کليل آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن، اسڪول جي استاد غلام دستگير آرائين ٻڌايو ته اسڪول ۾ 65 ٻار داخل ۽ 31 ٻار ڪچي داخلا تي آهن، جڏهن ته فرنيچر پڻ ناهي جنهن ڪري سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، ڳوٺ جي نيڪ مرد ولي محمد ڪيريو ۽ بين مطالبو ڪيو ته اسڪول جي بلڊنگ ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.