حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڪينٽ ۽ پڃاري پوليس ڌار ڌار مقابلن ۾ 2 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڪينٽ پوليس جو چوڻ آهي ته صدر واري علائقي ۾ چيڪنگ دوران موٽرسائيڪل تي سوار ٻن مشڪوڪ ماڻهن کي بيهڻ جو اشارو ڏنو پر انهن بيهڻ بدران پوليس تي فائر ڪيا. جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري ڪاشف قريشي زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيو، سندس قبضي مان ٽي ٽي پستول هٿ ڪري پوليس سان مقابلي ۽ غيرقانوني اسلحي هٿ اچڻ جا 2 ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن. پڃاري پوليس جو چوڻ آهي ته نيو سبزي مارڪيٽ ڀرسان ساڻن اسٽريٽ ڪرمنلز سان مقابلو ٿيو جنهن ۾ ياسر عرف ڀولا نالي ڏوهاري زخمي ٿيو جڏهن ته سندس ٻه ساٿي موٽرسائيڪل سميت فرار ٿي ويا. هوڏانهن پوليس ترجمان 12 ڪلاڪ گذرڻ باوجود زخمي حالت ۾ گرفتار ٻنهي ڦورن جو ڏوهي رڪارڊ پڌرو نه ڪيو هو.