ڪنڌڪوٽ (رپورٽر)  ڪنڌڪوٽ پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ فل فراءِ ڪيل عبدالستار کوسو ۽ شاهد حسين کوسو جي وارثن عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.حرمت خاتون سيشن ڪورٽ ۾ وڪيل معرفت پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته پوليس منهنجي پٽ شاهد حسين کي بهلڪاڻين جي ڪوڙي فرياد تي گرفتار ڪري انهن کان رشوت ڪوڙو مقابلي ڄاڻائي کيس قتل ڪري ڇڏيو، انصاف ڏياريو وڃي.درخواستگذار پٽيشن ۾ ثناءُالله بکراڻي، عطاءُالله بکراڻي، عمر فاروق بکراڻي، ايس ايچ او دلي جان مگسي، پي سي محمد صديق لاشاري، پي سي غلام مصطفيٰ شيخ، پي سي امتياز منگي، ايس ايڇ او تنگواڻي، ايڇ سي سيڪشن پنهل خان، پي سي حاڪم علي، پي سي ارصلاح، پي سي سائينداد، پي سي گل محمد، پي سي عبدالاحد، ايڇ سي ممتاز علي، پي سي فاروق احمد، پي سي نصرالله، پي سي ممتاز علي، اي ايس آءِ عبدالستار شيخ منهنجي پٽ کي قتل ڪرڻ ۾ ملوث آهن. هوڏانهن مقتول عبدالستار کوسو جي ڀاءَ عبدالرشيد کوسو پٽيشن ۾ ڄاڻايو ته پوليس منهنجي ڀاءَ کي ناحق قتل ڪيو. پوليس شهيد اهلڪارن جي خون کي لڪائڻ ۽ اصل ڏوهارين تائين نه پهچڻ بدران ناحق ماڻهن کي ماري رهي آهي.هن چيو ته پوليس منهنجي ڀاءَ عبدالستار کوسو ۽ عبدالفهيم کي کنڀي وئي هئي.هنن عبدالستار کوسو کي ناحق قتل ڪيو ۽ عبدالفهيم اڃان تائين لاپتا آهي.هن پٽيشن ۾ اظهار ڪيو ته سي آءِ انچارج جاويد عالم ابڙو،ايس ايڇ او اي سيڪشن دلي جان مگسي، ايس ايڇ او تنگواڻي امتياز منگي،ون فائي انچارج عبدالجبار منگي،پي سي غلام حسين کوسو،شبير ڀيو نوجوان کي قتل ڪرڻ ۾ ملوث آهن. هن پٽيشن ۾ اظهار ڪيو ته خدشو آهي ته پوليس ان کي به ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيندي.عدالت درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي 10 مارچ تي طلب ڪري ورتو.