پنوعاقل (رپورٽ : نديم بوزدار) پنوعاقل ۾ ڪڪڙ چوريءَ جي معاملي تان فائرنگ ۾ عورت قتل ٿي وئي، بائيجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ چندن مياڻيءَ ۾ جوابدارن گوليون هڻي ٻن ٻارن جي ماءُ عورت صوبيه ميراڻيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو، پوسٽ مارٽم بعد عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا، پوليس گھرن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. خبر موجب بائيجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ چندن مياڻيءَ ۾ جوابدارن فائرنگ ڪري ڪڪڙ چوريءَ جي معاملي تان فائرنگ ڪري ڏني. نتيجي ۾ ٻن ٻارن جي ماءُ صوبيه ميراڻي موقعي تي ئي مارجي وئي. مقتولا جي مڙس عبدالجبار ميراڻي موجب جوابدار اسد ميراڻي ڪڪڙ چوري ٿيڻ جو الزام مڙهي اسان جي گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ ڪري منھنجي گھرواري مارجي وئي آھي. هوڏانهن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل پھچايو جتان وارث مڙهه گھر کڻائي ويا. ھوڏانھن بائجي پوليس جوابدارن جي گرفتاري گھرن تي چڙھائي ڪئي پر جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا. پوليس جوابدارن جي گھرن کي خالي ڏسي باھ ڏيئي ساڙي ڇڏيو. پنوعاقل جي بائجي ٿاڻي تي مقتولا صوبيه ميراڻيءَ جي مڙس عبدالجبار ميراڻي جي فرياد تي جوابدارن اسد ميراڻي، مجيب ميراڻي، شير گل ميراڻي سميت چئن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.