ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) 3 ارب 20 ڪروڙن جي جعلي پينشن اسڪينڊل جو ريفرنس ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل،  ان ڏس ۾ احتساب عدالت ۾ جعلي پينشن اسڪينڊل جي ٻڌڻي دوران  ناڻي وارو اڳوڻو  ڊپٽي سيڪريٽري عامر ضياءَ ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا، ان موقعي تي عامر ضياءُ  جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ريفرنس ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ڪرڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آھي، جنهن تي عدالت نيب کان جواب طلب ڪري ورتو آھي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اچڻ تائين تاريخ ڏني وڃي، عدالت ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ريفرنس جي شريڪ جوابدارن خورشيد چانڊيو، امداد ميمڻ، اشرف جانوري ۽ ٻين عبوري ضمانت ڪرائي هئي