سردار شاهه جي تڪ تي پ پ مشڪلاتن جو شڪار، نظرانداز جيالن آزاد پينل ٺاهي ورتو، فارم جمع

0
267
سردار شاهه جي تڪ تي پ پ

پٿورو (رپورٽ: اقبال نھڙيو) تعليم واري صوبائي وزير سردار شاھ جي تڪ  تعلقي پٿوري ۾ مڪاني چونڊن ۾ پ پ جا ڪيترائي اميدوار نظرانداز  ٿي ويا. جنهن بعد پ پ سان لاڳاپيل باغي اميدوارن آزاد پينل ٺاھي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، ھر يو سي ۾ پ پ اميدوارن خلاف باغي اڳواڻ آزاد حيثيت ۾ بيٺل آهن، جڏهن ته جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ به گڏيل اميدوار بيھاري پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آھن، اهڙي صورتحال بعد پ پ تعلقو پٿورو مونجھاري جو شڪار ٿي وئي آهي

  ان ڏس ۾ تعلقو پٿورو 02 ٽائون ڪميٽين ۽ 06 يونين ڪائونسلن  تي  مشتمل آھي، جتي مڪاني چونڊن ۾ مخلتف پارٽين ۽ آزاد اميدوارن  گذريل آخري تاريخ تي  175 اميدوارن پاران  فارم جمع ڪرايا ويا،  جن جي بحالي لاء جاچ پڙتال جاري آھي، ان حوالي سان پٿورو جي 02 ٽائون ڪميٽي تي ڪل 29 اميدوارن فارم جمع ڪرايا آهن، جنھن ۾  شادي پلي ٽائون ڪميٽي تي 13 اميدوارن جڏهن  پٿوري ٽائون تي 16  فارم جمع ڪرائي ڇڏيا ، پ پ پ تعلقي پٿوري ۾   پ پ پ جا نظر انداز ڪيل  ڪيترا اميدوار آزاد پينئل جي حثيت ۾ آمهون سامهون فارم ڀرائي آر اوز ۽ اي آر او آفيسن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آھن

ھوڏانھن جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ پاران اقليت برادري کي ٻن يونين ڪائونسلن ، يوسي ڇاڇرو ۽ يوسي پير شاھ ۾ اقليت برادري جو وڏو ووٽ هجڻ ڪري ، ٻنهي يوسين جي چئرمينن جا ٽڪيٽ ڪولهي برادري کي ڏنا ويا ۽ ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 02 تي مينگهواڙ برادري کي چئرمين جو ٽڪيٽ ڏنو ويو آهي، جنهن سبب پيپلزپارٽي وڌيڪ مونجهاري جو شڪار بڻيل آهي

ٻئي پاسي هر يوسي ۾ پ پ پ جي سامهون سندس باغي گروپ به گڏيل طور جي ڊي اي جو ساٿ ڏئي رھي آھي، ھوڏانھن صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ ۽ ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر پاران ڪوششن باوجود اڃان تائين ٽڪيٽ جو حتمي فيصلو نه ٿي سگھيو آھي پ پ جا ڪارڪن ھمدرد مونجھاري ۽ ٻڏتر جو شڪار آهن   ٻئي پاسي جمع ٿيل فارم جي جانچ پڙتال جاري آهي

ھي به پڙھندا

جوهي ۾ مختلف برادرين پاران اتحاد ٺاهڻ جو اعلان