گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ جي سانڀل محلا ۾ ٽن ٻارن جي ماءُ صفيا ڌي محمد يوسف سانڀل گهرو اڻبڻت  تان پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري مبينا طور خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي زخمي حالت ۾ وارهه اسپتال منتقل ڪيو ويو. محمد يوسف سانڀل رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڌيءُ گهريلو معاملي تان پاڻ مٿان فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ڄنگهه ۾ گولي لڳل آھي.