راڄوخاناڻي (ن پ ا) راڄوخاناڻي ڀرسان ڳوٺ پھاڙ لغاري جي 24 ورهين جي شادي شده ناري شريمتي اۡملا عرف اۡمي ڪولھي زال چندو  ڪولھي گھرو مامري تان گھر وارن کان ناراض ٿي  گھر جي ڪمري ۾ رسو ٻڌي ڦآهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس  پھچي ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو،  ٻي طرف معلوم ٿيو آھي ته ناريء جي 8 سال اڳ ۾ شادي ٿي ھئي، پر کيس ڪوبه اولاد نه ھو، جنھن سبب ھو پريشان رھندي ھئي.