راڻيپور (ن پ ا). ٽائون ڪاميٽي راڻيپور جي مڪاني چونڊن جي  10 وارڊن تي بيٺل 36 اميدوارن مان 34 اميدوارن جا فارم  بحال ٿي ويا جڏھن ته ٻن  اميدوارن پي ٽي آء وارڊ 2 جي اميدوار   ارشد سرڪي ۽ جي ڊي اي وارڊ 7 جي اميدوار  اسرار عمراڻي جا فارم  بحال نه ٿي سگهيا وارڊ 2  پيپلزپارٽي  اميدوار حاجي رياضت ملاح بنا  مقابلي ڪامياب ٿي ويو ئ  آر او ٽائون ڪاميٽي راڻيپور راجيش ڪمار  پاران  حتمي لسٽ جاري ڪئي وئي آھي جڏھن ته فارم رد ٿيڻ اميدوارن ارشد سرڪي اسرار عمراڻي ميڊيا سان ڳالهائيدي چيو ته اسان سان ناانصافي ٿي آھي اسان ڪورٽ جو در کڙڪائيداسين ۽ اپيل ۾ وينداسين