سرحد (رپورٽ: حاڪم ابڙو) سرحد ڀرسان آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ اغو سندراڻي ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري سندراڻي برادري جي چڱي مڙس عبداللطيف سندراڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان مقتول جي پٽ شاهنواز سندراڻي ٻڌايو ته برادري جي هٿياربندن رات جو گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري منهنجي 60 ورهين جي پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته بيگناهه والد کي قتل ڪيو ويو، نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف آندل سندراڻي پوليس ٻڌايو ته سندراڻي برداري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ھلندڙ آهي، جنهن تان قتل ٿيو، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.