ميهڙ(ن پ ا) ميهڙ لڳ ٻيٽو باء پاس روڊ تي ڪراپ اسڪول کان 200 ميٽر جي مفاصلي وٽ نامعلوم نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي اطلاع تي ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء تعلقا اسپتال ميهڙ کڻائي آئي جتي هٿ آيل نوجوان جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ،پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن موجب نوجوان تي تشد د ڪري ماريو ويو آهي ،جڏهن ته رابطي ڪرڻ تي ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او جو چوڻ هو ته ماڻهن جي اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي روڊ ڀرسان زرعي زمين ۾ پيل نوجوان جو لاش هٿ ڪري تعلقا اسپتال ميهڙ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان پوء هٿ آيل نوجوان جي سڃاڻپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون پوليس موجب نوجوان تي جسم تي تشدد جا نشان آهن لاش هٿ آيل نوجوان جي جسم تي ڪاري رنگ جي سلوار ۽ قميض پهريل آهي خبر موڪلڻ تائين نوجوان جو لاش تعلقا اسپتال ميهڙ جي مرده خاني ۾ پيل هو جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.