ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ نان گزيٽيڊ پوليس آفيسرن جي مقررين بابت نيون ايس او پيز تيار، اي ايس آئيز ۽ ايس آئيز طور ترقيون ماڻيندڙ آفيسر جاچ شعبي ۾ 2 سال ڊيوٽي ڪرڻ جا پابند هوندا، ايڊيشنل آءِ جي عمران يعقوب منهاس طرفان جاري ڪيل حڪم نامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي ۾ مقررآفيسر نون هدايتن تي عمل ڪرڻ جا پابند هوندا، اي ايس آءِ طور ترقي ماڻيندڙ آفيسر به جاچ شعبي ۾ 2 سال ڊيوٽي ڏيندا، اپر ڪورس ڪري ايندڙ سب انسپيڪٽر به جاچ شعبي ۾ 2 سال رهندا. رڳو ايس ايڇ او طور مقرري لاءِ امتحان پاس ڪندڙ ۽ ايس ايڇ اوز طور مقرر پوليس آفيسر پابندي کان آجا هوندا. حڪمنامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪي مقرريون لازمي هونديون ته لاڳاپيل ڊي آءِ جي ايڊيشنل آءِ جي کان اجازت وٺندا.