ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ پوليس جي 26 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ڪيو پي ايم، پي پي ايم، ستاره امتياز ۽ ستاره شجاعت ايوارڊ ڏيڻ جي سفارش، ڪشمور ۾ ٻارڙي کي بازياب ڪرائيندڙ اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو کي ستاره شجاعت ۽ سندس نياڻي ريشما کي ستاره امتياز ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ گھروکاتي طرفان ڄاڻايل پوليس آفيسرن، اهلڪارن ۽ اي ايس آءِ جي نياڻي ريشما جا نالا هڪ خط ذريعي ايس اينڊ جي اي ڊي کي اماڻيا ويا آهن. خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊي آءِ جيز مظهر نواز شيخ ۽ پيرمحمد شاهه، ايس ايس پي عبدالقيوم پتافي، ايس ايس پي مقدس حيدر، طارق رزاق ڌاريجو، سهائي عزيز ٽالپر، ڊي ايس پي امداد علي سولنگي، سي ٽي ڊي جي انسپيڪٽر چوڌري غلام صفدر، سب انسپيڪٽر جمال لغاري، اي ايس آءِ عارف تنولي، اي ايس آءِ محمد يوسف، ڊي ايڇ سي محمد اسلم، هيڊڪانسٽيبل سلمان نور، اهلڪار لعل محمد کي قائداعظم پوليس ايوارڊ ڏنو وڃي. خط ۾ اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙوکي تمغه شجاعت ۽ سندس نياڻي ريشما کي تمغه امتياز ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي، اي ايس آءِ ۽ سندس نياڻي ڪشمور ۾ معصوم ٻارڙي کي بازياب ڪرائڻ ۽ جوابدار کي گرفتار ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. خط ۾ ايس ايس پي امجد شيخ ۽ تنوير حسين تنيو کي تمغه امتياز ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي. اهڙي ريت شهيد اي ايس آءِ اشرف دائود ۽ شهيد اهلڪار محمد عامر کي ستاره شجاعت ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي. ايس ايس پي بشير بروهي، انسپيڪٽر مظهر مشواڻي، الياس اوڍو ۽ اياز کيڙو کي صدارتي پوليس ميڊل ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي، هوڏانهن اي ايس آءِ ملڪ غلام، اهلڪار آصف خان ۽ عمران شاهه کي صدارتي پوليس ميڊل ايوارڊ ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.