سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ ڊي ايچ او آفيس ۾ ميٽنگ ختم ڪري موٽرسائيڪل  تي سوار صحت کاتي جا ملازم ممتاز ميمڻ ۽ يونس سومرو واپس میرپور بٺورو وڃي رهيا هئا تہ سجاول ويجهو گاڙھي موري وٽ اڻڄاتل ڦورو هٿياربندن کين روڪي ورتو ۽ موٽرسائيڪل سميت،موبائي فونون، روڪ رقم ۽ سرڪاري ڪاغذ ڦر ڪري  فرار ٿي ويا.