حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڊيري  مالڪن پاڻمرادو کير جي في ليٽر ۾ 20 رپين جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد کير جو في ليٽر 160 رپين تائين پهچي ويو آهي، شهرين پاران کير جا اگهه وڌڻ تي احتجاج بعد ضلعي انتظاميا حرڪت ۾ ايندي سٽي واري تعلقي ۾ 3 ڊيرين کي سيل ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو جي حڪم بعد اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي اشرف سانگري ٽيم سان گڏ پڪي قلعي، آفندي ٽائون ۽ حيدر چوڪ تي ڇاپا هڻي ناگوري، مهراڻ ۽ دعا ڊيري سميت ٽن ڊيرين کي سيل ڪيو. اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ڊيري مالڪن پاڻمرادو کير جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي هئي ۽ شهرين جي شڪايت تي انهن ڪارروائي ڪري ڊيريون سيل ڪيون آهن. ۽ ٻين علائقن ۾ دڪانن ۽ ڊيرين تي کير وڪرو ڪندڙ واپارين کي پڻ پابندي بڻايو آهي ته هو کير 120 رپيا في ليٽر جي حساب سان وڪرو کي يقيني بڻائين.