حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ھالاناڪي  واري علائقي ۾ مبينا طور بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو، علائقي واسين فوتي جو لاش پنهنجي مدد پاڻ تحت سول اسپتال پهچايو، اسپتال انتظاميا ٻڌايو ته فوتي جي سڃاڻپ عمران پٽ محمد اسلم طور ٿي آھي. سندس تعلق ڪچي قلعي واري علائقي سان آهي، لاش اسپتال منتقل ڪندڙ علائقي واسين ٻڌايو آهي ته ڄاڻايل نوجوان  بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي هڪ دڪان تي ڪنڪيشن پئي لڳايو جنهن دوران کيس ڪرنٽ لڳو ۽ هو بجلي جي ٿنڀي تان ڪري فوت ٿيو آهي. نوجوان جي فوتگي واري اطلاع تي سندس وارث سول اسپتال پهتا جيڪي سندس مڙهه بنا پوليس ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم جي پاڻ سان گڏ کڻائي ويا. هوڏانهن هٽڙي ٿاڻي جي پوليس نوجوان جي فوتگي واري معاملي کان لاعلمي جو اظهار ڪيو.