حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد سنڌ ميوزيم سامهون اڻڄاتل چور سينيئر صحافي  اسحاق مڱريو جي موٽرسائيڪل چوري ڪري ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته جي او آر ٿاڻي جي حد سنڌ ميوزيم جي آفيس سامهون اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ دوران پنهنجي موٽرسائيڪل بيهاري هئي. تقريب کان واپس پهتو ته سندس موٽرسائيڪل موجود نه هئي. متاثر صحافي موٽرسائيڪل چوري بابت جي او آر ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي آهي.