سجاول جوڻيجو / ميروخان (نمائندن وٽان) سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ لعل خان مستوئي لڳ گھر پنھنجا مان نوجوان اياز پٽ منظور گوپانگ جو گھر مان گولي لڳل لاش ھٿ آيو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي واردات جو معائنو ڪري لاش تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال ميروخان مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو. پوليس موجب مقتول نوجوان جي سھري ۽ چاچي معشوق گوپانگ ٻڌايو ته رات جو  فائر جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، گھر ۾ مال متاع سنڀاريو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ھو.صبح جو ڏٺو ته ڀائيٽي ۽ ناٺي اياز گوپانگ کي ڪن جي ھيٺيان پسٽل جو فائر لڳل لاش کٽ تي پيل ھو. پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته نوجوان جي کٽ وٽان هٿيار ناهي مليو.نوجوان اياز گوپانگ آپگهات ڪيو يا قتل ٿيو جاچ ڪئي پئي وڃي.ٻي پاسي واقعي جو اطلاع ڄامشورو ۾ رهندڙ نوجوان جي والدين ۽ گهر ڀاتين کي ڏنو ويو جيڪي پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.