رتوديرو (ن پ ا )رتوديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالڪريم بروهي ۾ جوابدار غلام قادر بروهي ڪارنهن الزام ۾ پنهنجي ڀاڄائي حميرا زال اعجاز بروهي کي گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال رتوديرو آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.  واقعي جو رتوديرو ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ اي ايس آءِ سوڍو خان جوڳي جي فرياد تي ٻن جوابدارن مقتولا عورت جي مڙس اعجاز بروهي ۽ ڏير غلام قادر بروهي مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو،پوليس هڪ جوابدار مقتولا عورت جي ڏير غلام قادر بروهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته ان سلسلي ۾ رتوديرو پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪارنهن الزام ۾ عورت کي رومال سان گھٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.