ڳڙھي ياسين (حزب الله پيرزادو ) ڳڙھي ياسين وچ شھر ۾ ٽيڪسي اسٽينڊ وٽ ھوٽل تي ويٺل ڳوٺ ٻانڀيھڙ جي رهواسي نوجوان جاويد مھر مٿان پنھنجي ئي برادري جي پوليس اھلڪار قطب الدين مھر ڪارنھن الزام مڙھي  فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي ڳڙھي ياسين پوليس ۽ مھر برادري جا ماڻھو واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي ڳڙھي ياسين اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف ڳڙھي ياسين پوليس شھر جي الحبيب اسڪول واري علائقي ۾ جوابدار  قطب الدين مھر ۽ ٻن عورتن کي گرفتار ڪري شڪارپور وومين سيل منتقل ڪري ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار قطب الدين مھر مقتول جاويد مھر  مٿان ڪارنھن جو الزام مڙھيو جنھن تان ھي واقعو پيش آيو آھي. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ  ايس ايڇ او ٻڌايو ته جوابدار قطب مھر مقتول جاويد مھر کي پنھنجي ڀيڻ سان ڪارنھن الزام مڙھي قتل ڪيو آھي.