ڪنڌڪوٽ (رپورٽ :  عمران کوسو) ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي ڳورهاري عورت نازيا کوسو ۽ سندس معصوم ڌيُ ڪوثر کوسو جي بازيابي لاءِ 28 ڪلاڪن تائين ڌرڻو جاري رهيو،پوليس ڌرڻي ۾ شريڪ اڳواڻن سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد 25 سڃاتل ۽ 300 اڻسڄاتلن ماڻهن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.پوليس پاران ڌرڻي ۾ ويٺل کوسا برادري جي امداد کوسو، نعمت الله کوسو، توفيق کوسو، بشير کوسو، شمس کوسو، ايس يو پي اڳواڻ ڇوٽو جکراڻي، فرمان جکراڻي، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ سجاد بروهي سميت 25 سڃاتل ماڻهن ۽ 300 اڻسڄاتل ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو. ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ يار محمد رند ڌرڻي ۾ شامل اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري 3 ڏينهن اندر ڳورهاري عورت نازيا کوسو ۽ ڪوثر بازياب کي بازياب ۽ ڪيس ختم ڪرائڻ جي مهلت گهري بعد ۾ اڳواڻن ڌرڻو ختم ڪيو.  ان موقعي تي امداد کوسو، بشير کوسو ۽ ٻين چيو ته اسين پنهنجي حق خاطر احتجاج تي مجبور ٿي ويٺاسين عورت ۽ معصوم نينگري جي بازيابي ته عمل ۾ نه آئي پر الٽو پوليس اسان مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، 3 ڏينهن تائين عورت نازيا کوسو ۽ معصوم نينگري ڪوثر جي بازيابي عمل ۾ نه آئي ته ٻيهر ڌرڻو هڻنداسين.