ميرپور ساڪرو (ن پ ا)آبپاشي سب ڊويزن ساڪرو جي مين ريگيوليٽر 103 موري ٻھارا جا دروازا ٽٽل ھئڻ سبب ريگيوليٽر ۾ ايندڙ پاڻي سمنڊ ۾ زيان ٿيڻ لڳو. ان کان علاوه 97 موري ريگيوليٽر، جھور پاٽار ريگيوليٽر ۽ مين غلام الله ريگيوليٽرن جي ٽٽل دروازن جي سالن کان مرمت نه ٿي سگهي. ساڳئي وقت سب ڊويزن ۾ ڪٿي به واھن ۽ شاخن جي کاٽي نه ٿي سگھي. واھن ۽ شاخن جي صفائي نه ٿيڻ ڪري پوڇڙ ۾ سوڪهڙي جي صورتحال پيدا ٿي ويئي. سوين ايڪڙ زمينون بنجر بڻيل آهن، جنھن ڪري آبادگارن ۾ مايوسي واري لھر ڇانيل آھي. ساڪرو آبادگار اتحاد جي اڳواڻن غلام اڪبر بگھياڙ، مقبول ھديو، حسن علي ڪلمتي، امير بخش موليپوٽو، يارمحمد لاشاري، منصور قادر لاشاري ۽ ٻين مطالبو ڪيو آهي ته ٽٽل ريگيوليٽرز جي فوري طور مرمت ۽ شاخن جي کاٽي ڪرائي وڃي.