حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مختلف ڌرين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ واهي پانڌي جي رهواسين ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن تعلقه اسپتال جوهي جي ايم ايس ڊاڪٽر زبير احمد پنهور خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. احتجاج دوران محمد شريف لغاري، مولابخش لغاري، ايس يو پي جوهي جي صدر حاجي غلام قادر لغاري، پ پ اڳواڻ مريد لغاري ۽ ٻين چيو ته 8 مارچ 2020ع تي نينگر زاهد لغاري کي علاج لاءِ تعلقه اسپتال جوهي جي ايم ايس ڊاڪٽر زبير پنهور جي خانگي اسپتال ۾ علاج لاءِ وٺي ويا هئا. نينگر کي پير ۾ زخم ۽ خارش هئي جتي ڊاڪٽر پاران لڳايل انجيڪشن سبب سندن نينگر جي طبيعت خراب ٿي وئي جنهن بابت ڊاڪٽر کي آگاهه ڪيو پر ڊاڪٽر کين طبيعت بهتر هجڻ جو چئي گهر موڪلي ڇڏيو گهر پهچڻ بعد سندن پٽ زاهد بيهوش ٿي ويو جنهن کي واپس ڊاڪٽر زبير جي اسپتال ۾ کڻي ويا هئا جتي هو فوت ٿي ويو. هن چيو ته اهڙي واقعي خلاف حد جي ٿاڻي ۽ ڊي ايڇ او دادو وٽ دانهيو پر انهن سندن هڪ به نه ٻڌي جنهن بعد عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي. عدالتي حڪم تي ڊاڪٽر خلاف جوهي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي. هنن چيو ته ڪيترن ئي انساني جانين سان کيڏندڙ ڊاڪٽر زبير 24 ڪلاڪ مبينا طور نشي ۾ رهي ٿو جنهن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود صحت کاتو ان خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿو ڪري. کيس هٽائي قانون موجب سزا ڏئي ساڻن انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن معذورن کي ڪوٽا تحت نوڪريون نه ملڻ خلاف نظير احمد، محمد خالد سومرو ۽ فاروق احمد پنهنجو احتجاج جاري رکيو. جڏهن ته اڏيرولال جي رهواسي پيرسن اشوڪ چند عرف گووو پيپلزپارٽي جي قيادت خلاف 171هين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو. هن چيو ته پيپلزپارٽي جو بنيادي ڪارڪن هئڻ باوجود 54 سالن کان پارٽي کيس مسلسل نظرانداز ڪيو آهي.